ڀاٽيا وملا پرسرام

ڀاٽيا، وملا پرسرام: وملا پرسرام ڀاٽيا، 8 فيبروريءَ 1957ع نئين دهلي ۾ ڄائي. تعليم بي.اي تائين اٿس. هڪ اداڪارا طور ڪيترن ئي ناٽڪن جھڙوڪ: ”زال ڪري ٿي تال“، ”امي يا ممي“، ”ڄيٺو ۽ ڄيٺي“، ”هنديءَ ۾ سنڌي“، ”رات ڪو ميم دن ڪو صاحب“ وغيره ۾ ڪم ڪيل اٿس. گائڪا جي حيثيت ۾ ڪيترا گيت ڳايل ۽ جدا جدا هنڌن تان پيش ٿيل پروگرامن ۾ حصو ورتل اٿس. هن وقت نئين دهليءَ ۾ رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو